چندر ڪيسواڻي

چندر ڪيسواڻي

چندر ڪيسواڻي

چندر ڪيسواڻي: مشهور اديب ۽ نقاد چندر ڪيسواڻيءَ جو پورو نالو چندر پرڪاش ڪيسواڻي آهي. سندس جنم 4 اپريل تي ڪشمور شهر ۾ روپچند جي گهر ۾ ٿيو. بي. ايس. سي ۽ ايم. ايس. سي جي تعليم سنڌ مان حاصل ڪرڻ بعد ٻاهرين ملڪ ويو. يونائيٽيڊ ڪنگڊم (U.K) مان آءِ. جي. سي جي تعليم حاصل ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1981ع کان ڪئي. سندس شاعري توڙي مضمون مختلف ادبي رسالن، اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. سندس ٽي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: ‘زندگي، خواب، خودڪشي’، ‘روپوش محبت’ ۽ ‘نئون ادب نيون ڳالهيون’ شامل آهن. هيءُ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو